اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ٻڌايو ويو آهي ته ٽيڪسلا ۾ ليبر ڪمپليڪس جي 500 فليٽس جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جنهن ۾ 70 فليٽ آرڊيننس فيڪٽري واهه جي شهيدن جي لاءِ رکيا و??ا آهن. وزيراعظم مي????ا آفيس پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان هواب??زي و??ري وفاقي وزير غلام سرور خان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي جي آپريشن ۽ ريگيوليٽري ڪردار کي جدا ڪرڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. هواب??زي و??ري وفاقي وزير غلام سرور خان وزيراعظم کي ٻڌايو ته ٽيڪسلا ۾ ليبر ڪمپليڪس جي 500 فليٽس جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جنهن ۾ 70 فليٽس آرڊيننس فيڪٽري واهه جي شهيدن جي لاءِ رکيا و??ا آهن، انهن فليٽس جي قرعه اند??زي جلد عمل ۾ آندي ويندي.