اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سيالڪوٽ جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، جنهن جو ڪو به اخلاقي، انساني جواز نه آهي، اسان جي آئين ۽ قانون موجب اقليتن کي تحفظ حاصل آهي، دين به اقيلتن جي تحفظ جو درس ڏي ٿو. اف??ان??تان ۾ حالتون خراب ٿيون ته ان جا اثر پري تائين ويندا. اوورسيز پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن. برسلز ۾ بيلجيم جي دوري جي حوالي سان ??يڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته بيلجيم جي ڪنهن پرڏيهي وزير سان گڏ 10 سالن جي وقفي کانپوءِ ٻطرفي ملاقات ٿي. اسان ??طرفي واپار، سيڙپڪاري، سائنسي، تعليمي ۽ زريعي شعبي ۾ تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، نيٽو هيڊڪوارٽرز ۾ جنرل سيڪريٽري جينز اسٽولٽن برگ سان ??لاقات ٿي، اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هڪٻ??ي سان تعاون ڪيو آهي ۽ اسان جي خواهش آهي ته اهو تعاون آئنده به جاري رهي، مون ڏکڻ ايشيا ۾ امن کي درپيش خطرن کان ان کي آگاهه ڪيو. مون کيس ٻڌايو ته اف??ان??تان جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ سڀني جي مفاد ۾ آهي، هن چيو ته ايندڙ سال پاڪستان ۽ يورپي يونين جا 60 سال مڪمل ٿيڻ تي اسان اسلام آباد ۾ ڪانفرنس جو انعقاد ڪنداسين، پرڏيهي وزير چيو ته آئون انهن جي سامهون اهي ٺوس قدم رکندس جيڪي پاڪستان دهشتگردي، مني لانڊرنگ جي خلاف کنيا، هن چيو ته سيالڪوٽ جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي جنهن جو ڪو به اخلاقي، انساني جواز نه آهي، ان ??اقعي تي پاڪستان کي شرمندگي کڻڻي پئي. هن وقت تائين 132 گرفتاريون ٿي چڪيون آهن، 26 جوابدار جن تي شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي انهن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. اسان جي آئين ۽ قانون موجب اقليتن کي تحفظ حاصل آهي. دين به اقليتن جي تحفظ جو درس ڏئي ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته جتي هندستان ۾ اقليتن جو رهڻ مشڪل ٿي ويو آهي اتي پاڪستان ??ندستان سميت سڄي دنيا ۾ سکن جي لاءِ ڪرتار پور لنگهه کي کوليو، پاڪستان ۾ ديوالي ۽ ڪرسمس جي تهوارن کي پوري مذهبي آزادي سان ??لهايو ويندو آهي، جتي اقليتن جو تحفظ حڪومت جي ذميداري بڻجندي آهي ته اتي ميڊيا جي به تمام اهم ذميداري آهي، هن چيو ته ملڪ عدنان به ان ??جوم ۾ موجود هو جنهن جي ڪردار کي وزيراعظم عمران خان ساراهيو ۽ ان جي لاءِ تمغا شجاعت جو اعلان ڪيو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته هن وقت اسان جو مقصد اف??ان??تان جي اڀرندڙ اقتصادي ۽ انساني بحران کان بچڻ آهي. اهو ئي پيغام مون اڄ ڏنو آهي ته جيڪڏهن اف??ان??تان ۾ حالتون خراب ٿيون ته ان جا اثر پري تائين ويندا، هن چيو ته اوورسيز پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن، هنن ٻاهر رهي ڪري محنت سان ??نهنجي عزت ٺاهي آهي ۽ انهن 30 ارب ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان ??وڪليو، هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته اشرف غني کانپوءِ جڏهن اف??ان??تان ۾ طالبانن جي عبوري حڪومت قائم ٿي ته هندستان اسان کي ذميوار بڻائڻ لاءِ ”سينڪشن پاڪستان“ مهم هلائي پر انهن کي ناڪامي ٿي، مون کي يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه جوزف بوريل ٻڌايو ته يورپي يونين امدادي سامان تي ٻڌل 7 جهاز اف??ان??تان ??وڪليا، 38 ملين افغانين جي معاشي مدد ڪرڻي پوندي ۽ اڄ دنيا مصروف ٿي چڪي آهي ۽ اف??ان??تان جي 6 ويجهي پاڙيسري ملڪن جو پليٽ فارم قائم ٿي چڪو آهي، اسان کي باور ڪرائي رهيا آهيون ته پاڪستان اڪيلو اهو بار نٿو کڻي سگهي، تنهن ڪري اسان گڏجي ان چئلينج کي منهن ڏ??ي سگهون ٿا، پاڪستان ??هريون ئي تقريبن 40 لک افغان ??ناهگيرن جو بار کڻي رهيو آهي.