اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري ملازمن تي زور ڏنو آهي ته اهي گورننس، خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏين، بهتر ڪارڪردگي ۽ گورننس جي لاءِ آءِ ٽي جي مدد سا?? تيزي سا?? فيصلا ڪر?? جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي جي 115 هين نيشنل مئنيجمينٽ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن کي ايوان صدر ۾ خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سرڪاري ملازم گورننس، خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏين، بهتر ڪارڪردگي ۽ گورننس جي لاءِ آءِ ٽي جي مدد سا?? تيزي سا?? فيصلا ڪر?? جي ضرورت آهي، عوام جي سرڪاري ملازمن مان تمام گهڻيون اميدون واڳيل آهن. هن چيو ته سرڪاري ملازم عوام جي اميدن تي پورو له?? جي لاءِ ڪوششون ڪن، جديد علم سا?? گڏ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن جي وچ ۾ اعتماد ۽ تعاون جو ماحول پيدا ڪر?? جي ضرورت آهي. هن چيو ته جديد ترين انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ذريعن جو استعمال حڪومت جي ڪارڪردگي وڌائڻ ۾ مددگار ??ابت ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته آءِ ٽي سيڪٽر ۾ ملڪي روانگي واپار وڌائ?? جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي، عورتن جي مالي خودمختياري، وراثت ۾ انهن جي حق جي فراهمي يقيني بڻائڻ جون ڪوششون جاري آهن. هن چيو ته عورتن کي هنرمند بڻائڻ ۽ انهن جي مالي شموليت تي ڌيان ڏي?? جي ضرورت آهي، اي ڪامرس جي فروغ جي لاءِ ايميزون جي مدد سا?? تربيت فراهم ڪرڻ جو حڪومتي فيصلو خوش آئنده آهي. صدر چيو ته وڌندڙ آبادي ملڪي وسيلن تي تمام گهڻو دباءُ وجهي رهي آهي، وڌندڙ آبادي جي مضمرات بابت آگاهي جي لاءِ عالم سڳورن ۽ ميڊيا جو تعاون ضروري آهي، ميڊيا ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي ذريعي صحت جي مختلف چئلينجز بابت آگاهي جي ضرورت آهي. صدر شرڪت ڪندڙن کي پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن، ايوان صدر ۾ اي گورننس بابت آگاهه ڪيو، ريڪٽر اين ايس پي پي ڊاڪٽر اعجاز منير ڪورس جي مقصدن تي روشني وڌي. هن چيو ته سول ملازمن جي تربيت کي نظم ۽ ضبط جي جديد ضرورتن جي ڏس ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اين ايس پي پي گڏيل قومن جي اقتصادي ۽ س??اجي معاملن واري کاتي سا?? تعاون وڌايو آهي ۽ سرڪاري ملازمن جي ذهنيت تبديل ڪرڻ ۽ پائيدار ??رقياتي هدف حاصل ڪر?? جي لاءِ انهن کي تربيت فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو آهي.