اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتس??ان ۾ ڪورونا کان متاثر خاندانن کي رليف ڏيڻ جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته رليف سرگرمين ۾ فلاحي ادارن ۽ سرندي وارن جي ڀرپور شرڪت انتهائي حوصلي جوڳي آهي، پاڪستاني قوم مشڪل جي هر گهڙيءَ ۾ نه رڳو ثابت قدمي جو مظ??هر?? ڪيو پر انسا??يت جي خدمت جي جذبي سان سرشار ٿي پنهنجي هم وطنن جي ڀرپور مدد ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير ۽ گلگت بلتس??ان معامل?? واري وفاقي وزير علي امين خان گنڊاپور سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪشمير آرفن رليف ٽرسٽ (ڪورٽ) جي چيئرمين چوڌري محمد اختر، روپاڻي فائونڊيشن جي ڪنسلٽنٽ صباح الدين ۽ پاڪس??ان تحريڪ انصاف بوسٽن سان تعلق رکندڙ اڳواڻ عاطف خان سان گڏ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.