اسلام آباد – 22 آڪٽوبر اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر ڪراچي ۾ مزار قائد جي بي حرمتي ۽ جرم تي ڌيان بدران افراتفري ۽ غير يقيني وڌائڻ چاهي ٿي، سنڌ جو وڏو وزير به مڃي رهيو آهي ته اتي غلط ڪيو ويو آهي، ائين ڪندڙن ک?? سزا ڏيارڻ بدران الٽو سياست ڪئي پئي وڃي، اتي هڪ نااهل ۽ ڪر??ٽ حڪومت آهي، توها?? نتيجن جي پرواهه ڪر?? رهيا آهيو. سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چيو ته اسان پارليامينٽ ۾ ويٺل آهيون ۽ افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اهڙي پارٽي جنهن قائداعظم جي نالي تي پنهنجو نالو رکيو آهي، ان جي اڳواڻ جي ناٺي قائداعظم جي مزار جي بي حرمتي ڪئي ۽ اهڙو رويو اختيا?? ڪيو جنهن کي پيپلزپارٽي جو وزير اعليٰ به مڃي رهيو آهي ته غلط ڪيو آهي جنهن تي ان جي خلاف ڪيس ٺهي ٿو، جرم تي ڌيان بدران ۽ اهو ڏسڻ بدران ته ان کي ڪهڙِ?? سزا ملڻ گ??رج?? ته ان اهڙو رويو اختيا?? ڪيو ۽ هُل هنگامو ڪيو، الٽو مخالف ڌر سياست ڪر?? رهي آهي.