اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته مشڪل حالتن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ جو ڪردار انتهائي اهم آهي، وقت اچي ويو آهي ته اسان عوام سان ڪيل واعدن تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ سڀني وسيلن کي استعمال ۾ آڻيو??. ق??مي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ لاءِ مخالف ڌر پارٽين سان مشاورت جو عمل اڳتي وڌائينداسين. هو اسپيڪر هائوس ۾ حڪومتي اڳواڻن جي اجلاس جي صدارت ڪري رهي?? هو، اجلاس ۾ وفاقي وزير پرويز خٽڪ، شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ شفقت محمود سميت حڪمران پارٽي جي قومي اسيمبلي ۾ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر، مملڪتي وزير علي م??مد خان، وزيراعظم جو پارلياماني م??املن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پارليماني م??املن سميت ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ ڪورونا بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۽ مخالف ڌر پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن سان مشاورت تي به غور ڪيو ويو.