اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڀ ??ان وڌيڪ پنجاب ۾ فوتگيو?? رڪارڊ ڪيون ويون ان کانپوءِ وڌيڪ فوتگيون سنڌ ۾ ٿيون، سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 50 فوتگيون ٿيون جنهن مان 27 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي 2 هزار 482 مريضن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 50 ما??هو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 45 ما??هو اسپتالن ۾ ۽ 5 م??يض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ ??ان ملتان ۾ 45 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 30 سيڪڙو، لاهور ۾ 37 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 41 سيڪڙو م??يض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولتن واري بسترن تي اسلام آباد ۾ 30 سيڪڙو، ملتان ۾ 33 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 34 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 54 سيڪڙو م??يض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 40 هزار 509 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 699، پنجاب ۾ 15 هزار 562، خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 798، اسلام آباد ۾ 5 هزار 167، بلوچستان ۾ 599، گلگت بلتستان ۾ 413، آزاد ڪشمير ۾ 271 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 50 هزار 515 ٿي چڪو آهي. گلگلت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به م??يض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي.