اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ريلويز سياحت جي فروغ ۾ اهم ڪ??دار ادا ڪري سگهي ٿي، ٽوئرسٽ سفاري ٽرين ان ڏس ۾ اهم قدم آهي. اهڙن خيالن جو اطهار هن ريلوي واري ??فا??ي وزير سينيٽر اعظم خان سواتي سان گڏ گولڙه ريلوي اسٽيشن تي سفاري ٽرين جو افتتاح ڪرڻ جي موقعي تي ڪيو. ٽوئرسٽ سفاري ٽرين هر جمعي، ڇنڇر ۽ آچر جي ڏينهن سياحن کي گولڙه اسٽين کان حسن ابدال، اٽڪ خورد ۽ اٽڪ سٽي ۽ ڀرپاسي جي جاين جي سير ڪرائيندي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ٽوئرسٽ سفاري ٽرين حڪومت پاران مقامي سياحت جي فروغ لاءِ اهم قدم آهي، ??فاري ٽرين جو تصور سٺو آهي. تفريح ۽ سياحت جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. ريلوي واري وزير سينيٽر اعظم سواتي چيو ته تاريخي گولڙه ريلوي اسٽيشن تان ٽرين قديم روٽ تي هلندي جنهن سان پاڪستان جو ثقافتي ۽ تاريخي ور??و ڏسڻ لاءِ ملندو. هن چيو ته پاڪستان ريلوي هڪ قيمتي اثاثو آهي، ??ينيٽ چيئرمين چيو ته ملڪ جي ٻين حصن ۾ به ان ٽرين کي آندو ويندو. هن چيو ته ريلوي واري ??فا??ي وزير محمد اعظم خان سواتي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. سفاري ٽرين جي ڪري تاريخي ۽ ثقافتي ور??ي کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ??ياحت جي فروغ ۾ پاڪستان ريلوي اهم ڪ??دار ادا ڪري سگهي ٿي. اميد آهي ته مستقبل ۾ به اهڙا قدم کنيا ويندا جنهن سان نه رڳو اداري کي منافعو ڏيندڙ بڻايو ويندو پر پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. سينيٽر تاج محمد آفريدي، ??ينيٽر سجاد حسين طوري، مرزا محمد آفريدي، ??ورنگزيب اورڪزئي، نصيب الله بازئي، ??لاور خان ۽ ٻين سياسي ۽ سماجي ماڻهن کانسواءِ عوام جو وڏو انگ گولڙه ريلوي اسٽيشن تي موجود هو. سينيٽ چيئرمين، وفد جي ميمبرن ۽ ريلوي واري ??فا??ي وزير سينيٽر اعظم خان سواتي ميوزيم جو دورو پڻ ڪيو.