اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ کان اڳ احساس ڪير بکيو نه سمهي پروگرام کي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي وڌيڪ ٽن شهر?? تائين سگهه ڏيڻ جو اعلان اڄ ڪندو. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب احساس ڪير بکيو نه سمهي پروگرام ذريعي انهن مزدورن، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن ۽ گهٽ اجرت ورڪرن کي مفت کاڌو ورهايو ويندو جيڪي احساس پناهگاهن ۽ لنگرخان?? تائين پهچي نه ٿا سگهن. ورچوئل افتتاحي تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن ۽ پارليامينٽرين سان گڏ فيصل آباد، لاهور ۽ پشاور ۾ ڪيترين ٽرڪ ڪچنز ذريعي، احساس ڪير بکيو نه سمهي پروگرام تحت کاڌي جي مفت فراهمي جي سروس جو افتتاح ڪندو. ان پروگرام تحت هر ٽرڪ مخصوص سروس پوائنٽس تي روزانو 1500 کان 2000 ماڻهن کي کاڌو ورهائيندي. کاڌي جي تياري ۽ فراهمي ٽرڪ ڪچ?? تان ئي ٿيندي. وزيراعظم احساس تحت 10 مارچ 2021ع تي راو??پن??ي ۽ اسلام آباد ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن کي ڏينهن ۾ به ڀيرا مفت کاڌ?? جا دٻا ڏيڻ جي لاءِ ٽرڪ ڪچن جي تصور سان ڪير بکيو نه سمهي پروگرام شروع ڪيو ويو هو. جنهن تحت 37827 ماڻهن کي کاڌو ورهايو ويو آهي. جنهن کي هاڻي وڌيڪ ٽن ضلع?? تائين سگهه ڏني پئي وڃي.