جده – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد ب?? سلمان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم عمران ??ان سعودي عرب جي دوري دوران سعودي ولي عهد شهزاده محمد ب?? سلمان بن عبدالعزيز السعود سان جده ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم عمران ??ان خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي لاءِ مخلصاڻي خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ولي عهد شهزاده محمد ب?? سلمان پاران کيس سعودي عرب جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي سندس ٿورا مڃيا.