اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته عالمي برادري فلسطين مسئلي جي جامع ۽ منصفاڻي حل لاءِ قدم کڻي، فلسطين مسئلي ج?? حل خطي ۽ دنيا جي مفاد ۾ آهي. سينيٽ چيئرمين سينيٽرز جي وفد سان فلسطين جي سفارتخاني ويو ۽ فلسطين جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته خالي هٿين فلسطينن تي قابض اس??ائ??لي فورسز جي جارحيت جي شديد مذمت ڪريون ٿا، معصوم فلسطينن تي اس??ائ??لي فورسز جا حملا، غير قانوني ??بادي ڪاري ۽ قبضو، فلسطينين جي زبردستي بي دخلي انساني ??قن ۽ عالمي قانون جي سنگين خلاف ورزي آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته فلسطين جو مسئلو وچ اوڀر جي مسئلن جي جڙ آهي، فلسين جي مسئلي ج?? حل سڄي دنيا ۽ خاص طور تي خطي جي امن لاءِ اڻٽر آهي، انساني ??قن جي علمبردار تنظيمون ۽ گڏيل قومن جي سلاتي ڪائونسل فلسطين جي مسئلي کي سنجيده وٺندي جلد کان جلد بهتري لاءِ قدم کڻن. هن چيو ته عالمي برادري جيترو جلد ٿي سگهي فلسطين مسئلي جي جامع ۽ منصفاڻي حل لاءِ قدم کڻي. فلسطين مسئلي ج?? حل فلسطينن، خطي ۽ دنيا جي مفاد ۾ آهي، هن چيو ته اسان اڄوڪي ڏينهن فلسطيني ڀائرن کي اهو پيغام ڏيون ٿا ته آزمائش جي هر گهڙي ۾ پوري پاڪستاني قوم انهن سان گڏ بيٺل آهي، پوري ملڪ ۾ يوم يڪجهتي فلسطين ڀرپور طريقي ??ان ملهايو پيو وڃي.