اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ڪلين اينڊ گرين پاڪستان مهم هڪ تحريڪ جي شڪل اخ??يا?? ڪري وئي آهي، پوري پاڪستاني قوم ماح??لي??تي تبديلي جي خراب اثرن کان بچڻ لاءِ وڻ پوکي پنهنجي قومي ذميداري پوري ڪري رهي آهي. پنهنج?? ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو ته وزيراعظم عمران خان سومر ڏينهن لاهور ۾ مياواڪي اربن فاريسٽ جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم سگيان ۾ مياواڪي وڻ پوکڻ جي مهم جو آغاز ڪندو. وڏي وزير سان ملاقات سميت گورنر هائوس پنجاب ۾ وزيراعظم کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان آب پاڪ اٿارٽي تي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم کي اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز بابت بريفنگ ڏني ويندي.