اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي م??ام??ن واري خاص معاون ۽ ترجمان ڊاڪٽر شهباز گل مراد علي شاهه جي بيان تي ردعمل ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت وٽ هر نااهلي جو جواز وفاق تي چڙهائي آهي، گذريل 13 سالن کان سنڌ تي مڙهيل پارٽي سنڌ جي عوام کي بنيادي سهولتن ??ائ??ن فراهم نه ??ري سگهي. ڊاڪٽر شهباز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پنجاب ۾ ايئر ايمبولينس سروس شروع ڪئي پئي وڃي پر سنڌ جي عوام اڄ به ريسڪيو سروس کان محروم آهي، سنڌ ۾ اڄ به رڳو ڀٽو زندهه آهي عوام نه. ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته سنڌ سرڪار هر شيءَ جي ذميواري وفاق تي وجهي ذميواري کان آجي نه ٿي سگهندي، پيپلزپارٽي جي ڪاغذي ڪارڪردگي جي ??ري اڄ سنڌ جي ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي ??ائ??ن ميسر نه آهي، ٿر ۾ ماڻهو بک سان مري رهيا آهن، اندرون سنڌ علاج جي ڪا سهولت ميسر نه آهي.