اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) ??اڪ افغان سهڪار فورم (پي اي سي ايف) انساني بنيادن تي امداد جي طور تي حڪومت پاڪستان طرفان 300 ٽن کادي پيتي جي شين سان ڀريل 17 ٽرڪ افغانستان روانو ڪري ڇڏيا. ??اڪ افغان سهڪار فورم (پي اي سي سي ايف) جي چيئرمين حبيب الله خان خٽڪ ??اڪ افغان بارڊر طورخم تي پريس بريفنگ دوران ٻڌايو ته افغان اسان جو مسلمان ڀاءُ ۽ پاريس?? آهي هن چيو ته 40 سال ڊگهي جنگ افغانستان جي معيشت، زراعت ۽ انتظامي بنيادي ڌانچي کي تباه ڪري ڇڏيو آ??ي ۽ عالمي امدادي ادارن جي اوچتو واپسي پوري آبادي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آ??ي گذريل سال ڏوڪاڙ سبب پريشانين ۾ اضاف?? ٿيو آ??ي جنهن سبب انساني بحران جو سامهون آهي پر ان تي فوري ۽ موثر طريقي سان ڌيان نه ڏنو ته اهو انساني تباهي جو سبب بڻجندو. حبيب الله خٽڪ وڌيڪ چيو ته ??اڪ افغان سهڪار فورم هڪ ٽرسٽ آهي جيڪا ضرورت جي ان گهري ۾ افغان شهرين جي مدد لاءِ قائم ڪئي وئ?? آهي. اسان جو مقصد نه صرف افغانستان جي ماڻهن کي خوراڪ، دوائن ۽ کادي جي شين جي صورت ۾ فوري انساني امداد فراهم ڪرڻ آهي.