ڪراچي – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪرا??ي جي لاءِ 25 ارب رپين ۽ حيدرآباد جي لاءِ 5 ارب رپين جي ترقياتي پئڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ترقياتي پئڪيج تي سنڌ جي گورنر جي نگراني هيٺ جلد ڪم شروع ٿيندو. ڪرا??ي جي هڪ ڏينهن جي دوري کانپوءِ اسلام روانگي کان اڳ ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته سنڌ جي ترقياتي منصوبن بابت مختلف ڌرين سان ڳالهيون ٿيون آهن. ڪرا??ي جي لاءِ 25 ارب جي ترقياتي پئڪيج تي سنڌ جي گورنر جي نگراني ۾ جلد ڪم شروع ڪيو ويندو، شهر ۾ ٽريفڪ نظام کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.