واشنگٽن – 18 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف و??زين کي اجاگر ڪندي آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري ما??يڪل پومپيو سان ڳالهه ٻولهه دوران خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ??ارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ بنيادي تڪرار ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. آمريڪا ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران هتي ملندڙ پڌرائي موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري سان هتي ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو.