اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) ڪورونا وائرس تي پارلياماني ڪميٽي جو ٻيو اجلاس خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي اسد قيصر جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، اع??م سواتي ۽ شيخ رشيد احمد سميت راجا پرويز اشرف، مشاهد الله خان، وزيراعظم جو پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ۽ سينيٽر غفور حيدري ??رڪت ڪئي جڏهن ته شيري ??حمان، خواجه آصف ۽ ناڻي وارو صلاحڪار حفيظ شيخ وڊيو لن?? ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، وزيراعظم جي ناڻي ۽ واپار بابت صلاحڪارن ڪورونا وائرس سبب ملڪي معيشت ۽ واپار تي پوندڙ اثرن ۽ معيشت جي بحالي جي پلان تي بر??فنگ ڏني.