اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن سان افغان قومي مفاهمت بات اعليٰ سطحيِ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله عبدالله ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، وزيراعظم عمران خ??ن ان موقعي تي پاڪستان جي افغانستان سان ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊ??ا و??گ مان جاري بيان موجب ٽيليفون تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خ??ن پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن جن جو بنياد مذهب، ثقافت، تاريخ ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ ويجهي رابطن تي آهي، جي اهميت اجاگر ڪندي هر ش??بي ۾ لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.