لاهور – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان ٻا??ن ۽ عورتن سان زيادتين جي واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي واضح ڪ??و آهي ته عورت زيادتي ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو ۽ ڏوهارين کي قانون موجب سزا ڏني ويندي. وزيراعظم نشي آور مصنوعات وڪرو ڪندڙ عنصرن ۽ قبضي مافيا جي خلاف سخ?? ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏنو ۽ انتظاميا کي هدايت ڪئي ته ضرورت جي شي?? خاص طور تي ڪڻڪ جي دستيابي کي يقي??ي بڻايو وڃي. هو لاهور ۾ پنجاب صوبي ۾ امن امان، ضرورت جي شين جي دستيابي ۽ انهن جي قيمتن ۽ فلاحي منصوبن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدار?? ڪري رهيو هو.