اسلام آباد – 05 – جنوري (ا?? پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشميري عوام سان عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جيڪو واعدو ڪيو اهو اڃا تائين وفا ن??هي ٿيو، والاريل ڪشمير جا ماڻهو ڪارن قانونن، مواصلاتي مشڪلاتن ۽ بنيادي حق ختم ٿيڻ جي باوجود پنهنجو آواز بلند ڪري رهيا آهن، هندستان جي ظلم ۽ ڏاڍ جي باوجود ڪشميري عوام جا حوصلا ڪمزور ناهن ٿيا، اسان کي ڪشمير ??سئلي تي سياسي مصلحتن کان مٿانهون ٿي هڪ زبان ٿي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، مخالف ڌر جي قيادت پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ ڪشمير ??سئلي تي پنهنجو سياسي دڪان چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، موجوده حڪومت ڪشمير ??سئلي کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو آهي، جيستائي?? گڏيل قومن جي قراردادن موجب اهو مسئلو حل نٿو ٿئي، پاڪستان ڪشميري عوام سا?? گڏ بيٺل رهندو. سينيٽ ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته اختلافن جي باوجود ڪشمير ??سئلي تي اسان جي يڪسوئي آهي، اسان جو موقف هڪ آهي، اسان جي منزل هڪ آهي، ان جو عملي ثبوت ??هي گڏيل قراردادون آهن جيڪي اسان جي پا??لي??مينٽ منظور ڪيون آهن.