اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فو??گيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ??لڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 54 فو??گيون ٿيون جنهن مان 28 وينٽي??يٽ??ز تي مو??ود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب سڄي ??لڪ ۾ 2 هزار 363 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 54 ماڻهو ان وائرس سبب فو?? ٿيا جن مان 47 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 7 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فو?? ٿيا. ??لڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽي??يٽ??ز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 49 سيڪڙو، لاهور ۾ 37 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 40 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 30 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ??لڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 45 سيڪڙو، ملتان ۾ 38 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 39 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 43 هزار 744 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 632، پنجاب ۾ 16 هزار 635، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 234، اسلام آباد ۾ 5 هزار 798، بلوچستان ۾ 584، گلگت بلتستان ۾ 419، آزاد ڪشمير ۾ 442 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ??لڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 80 هزار 696 ٿي چڪو آهي.