اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري بي??م نسيم ولي خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ??هي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پنهنجي جدا جدا تعزيتي پيغامن ۾ نسيم ولي خان جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي مرحومه جي سياسي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو.