اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پهريون ڀيرو ڪنهن به سال ۾ 4000 ارب رپين جي و??ولين جو تاريخي سنگ ميل عبور ڪرڻ تي ايف بي آر جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان آگاهه ڪيو ته جولاءِ کان مئي دوران ايف بي آر جون اوڳاڙيون 4143 ارب تائين پهچي ويون آهن ۽ اڃا اهي اوڳاڙيون جاري آهن، اهي گذريل سال جي ايتري ئي عرص?? جي اوڳاڙين جي ڀي?? ۾ 18 سيڪڙو وڌيڪ آهن. وزيراعظم چيو ته اها صورتحال حڪومت جي پاليسين جي ڪري و??يع البنياد معاشي بحال?? جي عڪاسي ڪري ٿي.