اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 46 فوتگيون ٿيون جنهن مان 18 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران ??ار?? ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 118 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 40 سيڪڙو، لاهور ۾ 20 سيڪڙو، پشاور ۾ 18 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 28 سيڪڙو مريض آه??. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 26 سيڪڙو، ايبٽ آباد ۾ 31 سيڪڙو، ملتان ۾ 25 ۽ گلگت ۾ 30 سيڪڙو مريض آه??. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 37 هزار 196 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 755، پنجاب ۾ 7 هزار 619، خيبرپختونخواهه ۾ 9 هزار 527، اسلام آباد ۾ 4 هزار 419، بلوچستان ۾ هڪ هزار 30، گلگت بلتستان ۾ 372، آزاد ڪشمير ۾ 474 ٽيسٽ شامل آه??. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 87 هزار 95 ٿي چڪو آه??. گگت