لنڊن – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگهي مدي واري امن جو خواب ڪڏهن پُورو نٿو ٿي سگهي. اها ڳالهه هن لنڊن ۾ ڪشمير سان ??علق رکندڙ مشهور برطانوي پاڪستاني اڳواڻن سان ملاقات دوران چئي. پرڏييه وزير والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ ۽ ڪشميرين جي جائز حق ”خودمختياري واري حق“ کي حاصل ڪرڻ لاءِ موثر آواز بلند ڪرڻ جي حوالي سان ??رطانوي پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران ??اري انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزين کان ??رڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن سميت عالمي سطح تي کڻڻ جي حوالي سان پاڪستان ??ي مسلسل ۽ اڻٽر ڪوششن کان ??گاهه ڪيو. هن چي?? ته حڪومت پاڪستان ??ازو ئي ٺوس ثبوتن تي ٻڌل هڪ ڊوزيئر جوڙيو آهي، ان ڊوزيئر ۾ ڀارتي قابض فوج جي سنگين جنگي ڏوهن جا تفصيل شامل آهن. شاهه محمود قريشي چي?? ته برطانوي پارليامينٽ ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال جي حوالي سان ”مباحثي“ جو انعقاد خوش آئنده آهي، برطانوي پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ ان مباحثي هڪ دفعو بيهر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي د??يا جي سامهون بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي چي?? ته برطانوي پاڪستاني ڪميونٽي، هٿين خالي ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کي منظر عام تي آڻڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. هن ڪشميري قيادت کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري واري حق لاءِ جدوجهد، جي مڪمل سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي. د??يا کي اهو ڄاڻي وٺڻ گهرجي ته جيستائين ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب منصفاڻي طور تي حل نٿو ڪيو وڃي، تيستائين ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگهي امن جو خواب ڪڏهن شرمنده تعبير نٿو ٿي سگهي.