اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ آمريڪا افغانستان جي صورتحال، سيڪيورٽي، دهشتگردي جي خاتمي، واپار، سيڙپڪاري، م??سم??اتي تبديلي، معيشت ۽ علائقائي رابطن جي حوالي سان ويجهو تعاون ۽ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس موجب اهو اتفاق پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ آمريڪي نائب پرڏيهي وزير وينڊي آرشرمن جي وچ ۾ پرڏيهي ??زارت ۾ ملاقات ۾ طئي ٿيو. ڏکڻ ۽ وچ ايشيا بابت سيڪريٽري ڊونلڊ لو به ساڻس گڏ هو جڏهن ته پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي ??زارت جا سينئر آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، افغانستان ۽ علائقائي امن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان ڊگهي ??دي واري ۽ پائيدار لاڳاپن جي قيام جو ??واهشمند آهي،آمريڪي پرڏيهي ??ائب وزير بلوچستان ۾ آيل زلزلي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظهار ڪيو. افغانستان ۾ پرامن حل جي ضرورت تي ز??ر ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي موقف ۾ هم آهنگي موجود آهي، پرڏيهي نائب وزير افغانستان مان آمريڪي ۽ ٻين شهرين جي نڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ۽ خطي ۾ امن لاءِ استعمال ايندڙ مسلسل ڪوششن کي ساراهيو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي اميد آهي ته افغانستان ۾ نئون سيٽ اپ استحڪام سان گڏوگڏ سموري افغان عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪندو، افغان عوام جي نمائنده ۽ ڊگهي بنياد واري حڪومت عالمي برادري لاءِ اعتماد جي قابل حصيدار ٿي سگهي ??ي. شاهه محمود قريشي چيو ته موجوده صورتحال ۾ عالمي برادري پاران مثبت شموليت انساني امداد ۽ مالياتي وسيلن جي فراهمي ۽ افغان عوام جي مسئلن کي ختم ڪرڻ لاءِ پائيدار معيشت جي تعمير لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي. پاڪستان معاشي تعاون، علائقائي رابطن جي فروغ ۽ خطي ۾ امن جي قيام لاءِ آمريڪا سان ڊگهي ??دي واري ۽ پائيدار لاڳاپن جو ??واهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا باقاعده ۽ منظم ڳالهين جو ??مل اسان جي ٻطرفي مفادن سان گڏوگڏ گڏيل علائقائي مقصدن کي فروغ ڏيڻ لاءِ ضروري آهي. آمريڪي پرڏيهي ??ائب وزير پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ م??سم??اتي تبديلين ۽ متبادل توانائي جي حوالي سان ٻطرفي ڳالهين ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جي واکاڻ ڪئي. غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال تي ز??ر ڏيندي پرڏيهي وزير ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ ڪشمير جي مسئلي جي منصفاڻي حل جي اهميت تي ز??ر ڏنو. پرڏيهي وزير آمريڪا پاران پاڪستان کي ڏنل ڪووڊ 19 بابت مدد تي پرڏيهي ??ائب وزير وينڊي شرمين جو ٿورو ادا ڪيو.