پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان متحده عرب امارات جي سفير جي ملاقات

image
APP40-130622 ISLAMABAD: June 13 - UAE Ambassador, Hamad Obaid Ibrahim Salem Al Zaabi called on Foreign Minister Bilawal Bhutto Zardari at Foreign Office. APP

اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان متحده عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ متحده عرب امارات جي سفير ملاقات دوران پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي وسيع امڪانن کي پيش نظر رکندي ٻطرفا اقتصادي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو.

مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی