پاڪستان آذربائيجان سان مختلف شعبن ۾ وڌيڪ تعاون جو خواهشمند آهي: صدر

image
APP01-31 ISLAMABAD: August 31 - Ambassador-designate of Pakistan to Azerbaijan, Bilal Hayee called on President Dr. Arif Alvi at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان آذربائيجان سان سياحت، واپار، دفاع ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ وڌيڪ تعاون جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ماپي ۾ وڌيڪ اضافي لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان لاءِ نامزد پاڪستاني سفير بلال حئي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر مان جاري بيان موجب صدر چيو ته پاڪستان آذربائيجان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ گهرا معاشي، سياسي، دفاعي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن، هن چيو ته پاڪستان آذربائيجان سان سياحت، واپار، دفاع ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ وڌيڪ تعاون جو خواهشمند آهي، هن چيو ته ڪورونا وائرس دوران آذربائيجان طرفان پاڪتسان کي امداد فراهم ڪرڻ تي ٿورائتا آهيون.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی