اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موسمياتي تبديلين جي سببن ۽ اثرن تي ضابطو آڻڻ ڏانهن ڌيان نه ڏنو ويو ته اسان جي ايند?? نسلن جي مستقبل کي شديد خطرا لاڳو ٿيندا. اه?? ئي وقت آهي ته دنيا ??ڳت?? اچي ۽ گڏجي ان چئلينج جو مقابلو ڪري. موسمياتي تبديلي بابت چوٿين سالياني آسٽرين ورلڊ سمٽ جي مناسبت سان پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ کان 20 سال اڳ موسمياتي تبديلي جي معاملي کي سنجيده نه ورتو ويندو هو پر اڄ دنيا ان کي هڪ حقيقت سمجهندي آهي، هن چيو ته گرمي پد ۾ غير معمولي اضافو، گليشيئرز جي پگهرجڻ جي رفتار ۾ تيزي، ٻيلن ۾ آتشزدگي ۽ سامونڊي طوفان معمول جا ??اقعا بڻجندا پيا وڃن. انهن حالتن ۾ ج??ڪڏهن عالمي برادري موسمياتي تبديلين جي مسئلي تي ڌيان نه ڏنو ته اسان جي ايند?? نسلن جي مستقبل کي شديد خطرا لاحق ٿيندا.