اسلام آباد ?? پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??ين سان پاڪستان جي ٻه طرفي لاڳاپن کي اطمينان بخش قرار ڏيندي چيو آهي ته هر آزمائش تي پورو لهندڙ تزويراتي تعا??ن تي ٻڌل اسان جي حصيداري مضبوط کان مضبوط ٿيندي پئي وڃي، ??ين جي بنيادي قومي مفادن جي سلسلي ۾ پاڪتسان ان جي حمايت جاري رکندو، عوامي جمهوريه ??ين جي 71 هين سالگرهه جي موقعي تي چيني وزيراعظم جي نا??ي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته هو حڪومت پاڪستان، عوام ۽ پنهنجي پاران دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪري ٿو، هن چيو ته پهرين آڪٽوبر 1949ع تي نئين ??ين جي قيام تاريخ ۾ يادگار حيثيت رکندڙ آهي، ??ين ڪميونسٽ پارٽي جي زير قيادت اعتدال پسند، خوشحال معاشري جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ تيار آهي، وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته پاڪ ??ين ٻه طرفا لاڳاپا سدائين مستحڪم رهيا، پاڪ ??ين ٻه طرفي تعا??ن تي ٻڌل تذويراتي حصيدار مضبوط کان مضبوط ٿيندا رهيا آهن