اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سي پيڪ پاڪستان جي مجموعي ترقياتي حڪمت عملي جو هڪ ميگا پراجيڪٽ هجڻ سان گڏوگڏ چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن جو سنگ بنياد آهي، پاڪستان خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جي عمل کي نه رڳو چيني ڪمپنين پر ٻين عالمي سيڙپڪارن جي لاءِ پڻ آسان بڻايو آهي، سي پيڪ تحت ڪيترائي منصوبا 2021ع ۾ پڄاڻي جي ويجهو آهن، هلندڙ سال دوران سي پيڪ ۾ سگهه به ڏسڻ ۾ آئي، صنعتي تعاون جي لاءِ جوڙيل گڏيل ورڪنگ گروپ جا ثمر سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن جيڪي سنڌ ۾ ڌاٻيجي، فيصل آباد ۾ علامه اقبال خصوصي اقتصادي زون ۽ خيبرپختونخواهه ۾ رشڪئي جي خصوصي اقتصادي زون جي شڪل ۾ تعمير هيٺ آهن، گوادر جي خصوصي اقتصادي زون جي وسعت جي منصوبي جي لاءِ پڻ جلد حتمي منظوري ڏني ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي پهرين مرحلي ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ 27 پاڪستاني ڪارڪنن ۽ اهلڪارن ۾ ايوارڊ ورهائڻ جي لاءِ چيني سفارتخاني ۾ هڪ پروقار تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ڪوويڊ 19 جي باوجود سال 2021ع ۾ سي پيڪ ۾ نمايان اڳڀرائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. وزيراعظم ڪجهه مهينا اڳ جنهن اتر زون جو افتتاح ڪيو هو اهو ڏکڻ زون کان 35 ڀيرا وڏو آهي ۽ اهو سي پيڪ جي ترقي ۽ مستقبل جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ ٻئي ملڪ زراعت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي تي ڌيان ڏئي رهيا آهن. اسد عمر چيو ته جي سي سي جي 10 هين اجلاس ۾ پاڪستان ۽ چين انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٺاهه تي صحيحون ڪيون آهن. چين انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ زبردست ترقي ڪئي آهي ۽ پاڪستان هاڻي ان شعبي ۾ نمايان اڳڀرائي ڏسڻ شروع ڪري رهيو آهي جيئن ته گذريل سال دوران پاڪستان کان ٻاهر پاڪستان جي انفارميشن ٽيڪنالاجي سروسز جي روانگي واپار ۾ 47 سيڪڙو ۽ هلندڙ سال 38 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ان جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين جي لاءِ تمام گهڻا موقعا موجود آهن. وفاقي وزير چيو ته سي پيڪ جا سمورا شعبا وسيع ٿي رهيا آهن ۽ پهرين مرحلي ۾ شروع ڪيل ڪيترائي منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن يا مڪمل ٿيڻ وارا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اهو نه رڳو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپن جي معيار جو ثبوت آهي پر سي پيڪ منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ اسان جي مضبوط ٻنڌڻ ۽ عزم جو ثبوت آهي. هن چيو ته بي آر آءِ واقعي تاريخي آهي ڇو ته ان جو تصور سموري انسانيت جي ترقي ۽ اڳڀرائي جي لاءِ ڪيو ويو هو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته صدر شي جن پنگ جو ملڪن جي وچ ۾ رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي ذريعي خوشحالي کي وڌائڻ جو ويزن دنيا جي لاءِ هڪ ذڪر جوڳو نمونو آهي. اسد عمر ڪوويڊ 19 وبائي مرضن دوران پاڪستان جي حمايت ڪرڻ تي چين جي ساراهه به ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سي پيڪ جا مخالف نه رڳو لفظن ذريعي سي پيڪ جي مخالفت ڪري رهيا آهن پر دهشتگردي جي سرپرستي به ڪري رهيا آهن. جڏهن ته پاڪستان موثر حفاظتي قدم کڻي رهيو آهي ۽ دهشتگردي جي ڪاررواين سان سي پيڪ جو ڪو منصوبو متاثر نه ٿيو آهي. ان کانسواءِ وزيراعظم چيني منصوبن ۽ ڪارڪنن جي سيڪيورٽي جو پاڻ جائزو وٺي رهيو آهي. وفاقي وزير سي پيڪ منصوبن تي ڪم ڪندڙ پاڪستاني عملي کي پڻ مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته چيني ڪمپنين ڏٺو هوندو ته پاڪستاني پيشيوار ماڻهن جو معيار دنيا وانگر سٺو آهي ڇو ته اهي محنتي ۽ سکڻ جا خواهشمند آهن. هن وڌيڪ چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي مجموعي ترقياتي حڪمت عملي جو هڪ ميگا پراجيڪٽ هجڻ سان گڏوگڏ چين ۽ پاڪستان جي وچ م اقتصادي لاڳاپن جو سنگ بنياد آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي سي پيڪ معاملن بابت وزيراعظم جي خاص معاون خالد منصور چيو ته هي سال چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ متحرڪ وڌندڙ سفارتي لاڳاپن جو 70 هون سال آهي. اڳ ۾ اهي ٻطرفن لاڳاپن تائين محدود هئا پر هاڻي اها ڊگهي مدي واري اقتصادي حصيداري آهي. هن چيو ته وبائي مرضن جي ڪري پوري دنيا ۾ زندگي جو ڪاروهنوار درهم برهم ٿيڻ جي باوجود ٻنهي ملڪن جي مضبوط گڏيل عزم جي ڪري سي پيڪ منصوبن کي ڪنهن رڪاوٽ کي منهن نه ڏيڻو پيو. ان موقعي تي ترقي ۽ سڌارن بابت چيني ڪميشن جي ڊائريڪٽر جنرل اينگ شيونگ چيو ته چين جي ترقي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي ۽ اها چين جي مخلصاڻي اميد به آهي ته پاڪستان پنهنجي خوشحالي جي لاءِ مستحڪم ترقي مان لطف اندوز ٿي سگهي ٿو. تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ چيو ته هن سال چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 70 هين سالگرهه آهي. وبائي چئلينج جي باوجود سي پيڪ منصوبي وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن سال دوران سي پيڪ سدائين اسان جي ٻنهي ملڪن جي ڌيان جو مرڪز رهيو آهي. هن ٻڌايو ته 26 آڪٽوبر تي چيني صدر شي جن پنگ وزيراعظم عمران خان سان ٽيليفون تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه دوران سي پيڪ جي منصوبي کي گڏجي مڪمل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، جنهن تحت زراعت، ڊيجيٽل اڪانومي ۽ عوام جي بهتر معيار زندگي کي فروغ ڏنو ويندو، جنهن سان مقامي ماڻهو ڀرپور فائدو کڻندا. هن چيو ته ٻنهي اڳواڻن صحت، صنعتي، واپاري، ڊيجيٽل ۽ گرين ڪوريڊورز جي جامع تعمير جي پنهنجي عزم کي ورجايو ته جيئن سي پيڪ کي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي اعليٰ معيار جي ترقي جي لاءِ هڪ عملي منصوبي طور بڻائي سگهجي. هن چيو ته جي سي سي جو 10 هون اجلاس ڪاميابي سان منعقد ٿيو، جنهن مستقبل جي تعاون جون راهون متعين ڪيون ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي صنعت تي هڪ ٻئي گڏيل ورڪنگ گروپ جو اضافو ڪيو، جنهن سان تعاون جي وسيع امڪانن جا نوان شعبا کليا آهن. سفير چيو ته وزيراعظم عمران خان سي پيڪ کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. پاڪستان جي حڪومت سي پيڪ جي مسئلن کي ٺوس ۽ حل ڪرڻ جي لاءِ چين پاڪستان لاڳاپن جي اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم ڪئي آهي. هن چيو ته سيڙپڪاري جي سهولت لاءِ سي پيڪ جي لاءِ خصوصي ويزا پاليسي متعارف ڪرائي. حفاظتي قدمن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ هڪ پرڏيهي قومي سلامتي سيل قائم ڪيو. انهن عملي قدمن سي پيڪ جي ترقي ۾ وڌيڪ اعتماد پيدا ڪيو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي گڏيل ڪوششن سان مٽياري لاهور ٽرانسميشن لائين پاڪستان کي اي سي – ڊي سي پاور گرڊ جي هڪ نئين دور ۾ پهچائي ڇڏيو آهي، ڪروٽ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ گوادر ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ مڪمل ٿيو.