اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪي معيشت ۾ بهتري ۽ استحڪام جي صورتحال تي اطمي??ان جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته معيشت جي بهتري جا ثمر عام ماڻهو تائين جلد کان جلد پهچڻ گهرجن. هو هتي ملڪي معيشت جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، وفاقي وزير ??خدوم شاهه محمود قر??شي، مخدوم خسرو بختيار، محمد حماد اظهر، ناڻي واري صلاحڪار ڊا??ٽر عبدالحفيظ شيخ، ڊا??ٽر عشرت حسين ۽ خاص معاون ڊا??ٽر وقار مسعود اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ ملڪي معيشت جي صورتحال ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان معاشي نظم ۽ ضبط ۽ ملڪي قرضن جي بهتر انتظام جي حوالي سان معاسي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو.