اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته غريب عوام کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، عوام تي پوندڙ اڻ سڌي ٽيڪسن جي باري ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي ??ان حل تجويز ڪيا وڃن، ڪڻڪ تي ايندڙ انتظامي خرچن جي هر رخ جو تفصيلي ??ائزو ورتو وڃي ۽ اهڙو نظام جوڙيو وڃي ته خرچن جي مد ۾ غير ضروري طور تي ايندڙ هر روپئي جي بچت ڪئي وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار بنيادي ض??وري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي ??ان حڪومتي معاشي ٽيم جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي ??عاملن واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ناڻي واري وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، وزير??عظ?? جي صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، نديم بابر، تابش گوهر ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بنيادي ض??وري شين جي قيمتن ۾ ممڪن حد تائين گهٽتائي آڻڻ لاءِ مختلف تجويز ڪيل قدمن تي غور ڪيو ويو. ناڻي واري وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ وزير??عظ?? کي ٻڌايو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار ۽ ملڪي ض??ورتن کي پورو ڪرڻ، سرڪاري سطح تي ڪڻڪ جي خريداري ۽ پهچ، اسٽوريج ۽ ٻين انتظامي خرچن ۾ واضح گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ مفصل پلان جوڙڻ تي ڪم جاري آهي، ان حوالي ??ان تفصيلي پلان جلد وزير??عظ?? کي پيش ڪيو ويندو. وزير??عظ?? جي خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود وزير??عظ?? کي درآمد ٿيل گيهي، دالين ۽ ٻين جنسن تي ڊيوٽيز جي شرح ۽ موجوده حالتن ۾ حڪومت پاران ڏنل ڇوٽ تي تفصيلي ??ريفنگ ڏني. درآمد ٿيل گيهي وغيره تي ٽيڪسن جي حوالي ??ان خطي جي ٻين ملڪن جو چٽاڀيٽي جائزو به پيش ڪيو ويو. اجلاس ۾ پيٽروليم مصنوعات جي حوالي ??ان اوگرا پاران پيش ڪيل سفارشن تي به غور ڪيو ويو، وزير??عظ?? اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سندس اولين ترجيح غريب عوام کي رليف فراهم ڪرڻ آهي. وزير??عظ?? معاشي ٽيم کي هدايت ڪئي ته عوام تي پوندڙ اڻ سڌي ٽيڪسن جي باري ۾ گهٽتائي جي حوالي ??ان آئوٽ آف باڪس حل تجويز ڪيا وڃن ته جيئن جتي غريب ماڻهو تي پوندڙ اڻ سڌي ٽيڪسن جي بار کي گهٽ ڪيو وڃي، اتي ان ڳالهه کي به ي??يني بڻايو وڃي ته ملڪ جي آمدني ۽ خرچن ۾ توازن برقرار رکيو وڃي ۽ ملڪ کي وڌيڪ قرضن جي ڌٻڻ ۾ وڃڻ کان بچائي سگهجي.