اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? نئون پ??ڪس??ان حقيقت ۾ نئين سوچ جو نالو آهي، تعميراتي شعبي ۾ واڌ سان ملڪي معيشت کي ڪورونا جهڙي وبا ۾ به بچيل رهي، ان شعبي جي ڪري معيشت ۾ بهتري روزگار ۾ اضافو ۽ دولت جي وڌا ٿي، جنهن سان ملڪ تي چڙهيل قرض واپس ڪرڻ ۾ مدد ملندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پورهيت طبقي ۾ گهر ۽ فليٽ ورهائڻ جي ت??ريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو ذُلفي بخاري ۽ ورڪر ويلفيئر فنڊ جي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو ته 25 سال پراڻي منصوبي کي حقيقت ۾ تبديل ڪيو اها وڏي ڪاميابي آهي. 25 سالن کان ڪنهن ان کي پنهنجي ترجيحي بڻائڻ جو نه سوچيو اهي ماڻهو اها سوچ به سوچي به نٿا سگهن ته انهن جا پنهنجا گهر هوندا ??اڪ??ڻ جو اهو ڪڏهن به ڪنهن حڪومت جي ترجيح نه هئي، وزيراعظم چيو ته نئون پ??ڪس??ان حقيقت ۾ نئين سوچ جو نالو آهي، نئين پ??ڪس??ان جو مقصد ئي ڪمزور طبقي کي مٿي آڻڻ آهي. اها اسان سڀني جي ذميداري آهي، هن چيو ته حڪومت جي سوچ اها ثابت ڪري ٿي ت?? اهو ڪنهن تي احسان نه آهي، اهو پورهيتن جو حق آهي اهي گهر پهرين مسواڙ تي ملندا هئا هاڻي اها ئي مسواڙ قسطن ۾ ويندي ۽ اهي گهر انهن جي ملڪيت هوندا. وزيراعظم چيو ته پنهنجو گهر سڀ کان وڏي نعمت سمجهي ويندي آهي، ڳوٺاڻن علائقن ۾ ايراضي گهٽ قيمت تي دستاب هجڻ جي ڪري اتي گهر ٺاهڻ آسان هوندو آهي، جيتوڻيڪ شهرن ۾ مزدور طبقو پگهاردار، سرڪار ملازم ۽ پوليس ملازمن جي لاءِ پنهنجو گهر بڻائڻ زمين مهانگي هجڻ جي ڪري ناممڪن هوندو آهي، هن چيوته اسان بئنڪن کان مارڪ اپ جو نئون قانون کڻي آيا آهيون جنهن سان بئنڪ پهرين ڀيرو ان طبقي کي گهر ڏئي سگهندي، ان قانون کي ٺاهڻ ۽ عدالت مان اجازت وٺڻ ۾ ٻه سال لڳا، دير جو سبب اهو ئي هو.