اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ٽائمز هائير ايجوڪيشن تح?? اڀرندڙ م??يشتن جي يونيورسٽين ۾ 150 هين پ??زيشن حاصل ڪرڻ عبدالولي خان يونيورسٽي مردان جي هڪ واکاڻ جوڳي ڪاميابي آهي، يونيورسٽ?? جي پنهنجي قيام جي ٿوري عرصي ۾ اهو اعزاز حاصل ڪرڻ يونيورسٽ?? جي انتظاميه، استادن ۽ شاگردن جي شوق ۽ محنت جو ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عبدالولي خان يونيورسٽ?? جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ظهور الحق ۽ سندس ٽيم سان هڪ ملاقات ۾ ڪيو. هن يونيورسٽ?? جي وائس چانسلر، استادن ۽ شاگردن کي ان ڪاميابي تي مبارڪباد به ڏني. اسپيڪر اسد قيصر چيو ته صنعتي ترقي ڪنهن به قوم جي معاشي خوشحالي ۽ ڪامياب?? جي ڪنجي آهي. هن چيو ته سي پيڪ تح?? قائم ٿيندڙ صنعتي منصوبن جي مڪمل فعال ٿيڻ سان پاڪستان خاص طور تي خيبرپختونخوا صوبو معاشي ترق?? جي راهه تي گامزن ٿيندو. هن چيو ته ان سلسلي ۾ عبدالولي خان يونيورسٽي جو ڪردار اهم هوندو. هن ملڪ کي درپيش معاشرتي، معاشي، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي معاملن تي تحقيق جي فروغ لاءِ ريسرچ جي بهترين سهولتن جي فراهمي لاءِ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.