اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس ??ي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۽ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي مل?? ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس ??بب 75 فوتگيون ٿيون جنهن مان 36 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي مل?? ۾ 2 هزار 726 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. مل?? جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان مل??ان ۾ 66 سيڪڙو، لاهور ۾ 42 سيڪڙو، پشاور ۾ 34 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 38 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح مل?? جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان بهاولپور ۾ 37 سيڪڙو، ص??ابي ۾ 40 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 46 سيڪڙو، مل??ان ۾ 54 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 62 هزار 706 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 22 هزار 43، پنجاب ۾ 24 هزار 914، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 771، اسلام آباد ۾ 5 هزار 157، بلوچس??ان ۾ هڪ هزار 418، گلگت بلتس??ان ۾ 476، آزاد ڪشمير ۾ 907 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي مل?? ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 31 هزار 744 ٿي چڪو آهي.