اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان سان متحده قومي موومينٽ جي پارليامينٽ جي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ڪندڙن ۾ خالد مقبول صديقي ۽ سينيٽر فيصل سبزواري شا??ل هئا جڏهن ته وفاقي وزير اسد عمر به م??جو?? هو. ان موقعي تي وزيراعظم کي ڪراچي ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم ان موقعي تي وفاق جي ڪراچي ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي جلد تڪميل ۽ نئين اعلان ٿيل منصوبن کي جلد شروع ڪرڻ کي حڪومت جي ??ول??ن ترجيحن مان هڪ قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته م??جو??ه حڪومت ڪراچي جي ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻي رهي آهي.