اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان ريگوليٽري اٿارٽين جي م??ثر ڪردار تي زور ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته مافياز جي ڳٺ جوڙ تي نظر رکي، لاڳاپيل شعبن ۾ خدمتن ۽ معيار کي بهتر بڻايو وڃي. وز??راعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وز??راعظم عمران خان ريگوليٽري اٿارٽين جي سربراهن جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي وز??راعظم چيو ته عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ ريگوليٽرز جو اهم ڪردار آهي. ريگوليٽرز م??ثر مانيٽرنگ، قانوني ۽ ريگوليٽري ضرورتن کي نظر ۾ رکندي عوامي مفادن جو تحفظ يقيني ب??ائين. وز??راعظم مافياز جي ڳٺ جوڙ تي نظر رکڻ لاءِ ريگوليٽري اٿارٽين جي م??ثر ڪردار جي ضرورت تي زور ڏنو. هن سمورن ريگوليٽرز کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي لاڳاپيل شعبي ۾ شفافيت ۽ معياري خدمتن کي يقيني ب??ائين. ريگوليٽري اٿارٽين جي سربراهن وز??راعظم کي خاطري ڪرائي ته هو پنهنجي لاڳاپيل اٿارٽين جي صلاحيت ۾ اضافو ڪن ته جيئن شهرين کي بهتر خدمتن جي فراهمي يقيني ب??ائي سگهجي.