اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي ۽ بيگم ثمينه علوي سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي زيدي جي گهر ويا ۽ سندس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر ان موقعي تي وفاقي وزير سيد علي زيدي جي والد مرحوم جي مغفرت ?? گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.