لاهور – 10 – مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته سياسي محاذ ??ي پهريون ۽ اهم مرحلو اسلام آباد آهي، حڪومت سياسي محاذ ??ي پُراعتماد ۽ مستحڪم آهي، پنجاب جي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت سان فيصلو ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور ۽ وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسواءِ ملاقات ۾ صوبي جي انتظامي معاملن ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي ??ڳڀ??ائي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيرا??ظم عمران خان وفاقي وزيرن مخدوم شاهه محمود قريشي، اسد عمر، شفقت محمود، مخدوم خسرو بختيار ۽ مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل سان گڏ خميس ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور پهتو .