اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته ن ليگ پنهنجي ڳجهي اڪائونٽس ۾ 64 ڪروڙ جو حساب ڏي، ڪڏهن بي اعتمادي ۽ ڪڏهن قومي حڪومت، پاڪستان ۾ صرف عوامي حڪومت هلندي، اين آر او جي گنجائش نه آهي، سنڌ هائوس ۾ هارس ٽريڊنگ لاءِ ٻوليون لڳي رهيون آهن، زرداري جي اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ کي ??ير قانوني طور تي اسلام آباد آندو وي?? آهي، گهرو وزارت کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسڪروٽني ڪميٽي واضح لکي?? آهي ته اڪبر ايس بابر ڪي ٺوس ثبوت ناهن ڏنا، اڪبر ايس بابر، مريم صفدر جي ايزي لوڊ تي هلي رهي?? آهي، پهرين مريم ۽ اڄ احسن اقبال آيو، اسان چئون ٿا ته ??لي سامهون اچو، ن ليگ پنهنجي پارٽي اڪائونٽس جو رڪارڊ کڻي اچي، ن ليگ آمريڪا ۽ برطانيه ۾ پارٽي کي لميٽيڊ ڪمپني طور ڇو رجسٽرڊ ڪرايو. فرخ حبيب چيو ته اڄ انهن کي ??وشه خانه ڪيس ياد اچي رهي?? آهي، نواز شريف ڪهڙي قانون تحت توشا خانه جي بي ايم ڊبليو ڇو گهر کڻي ويو، توشه خانه مان اڳوڻو وزيراعظم هار کڻي ويو، زرداري جيڪو ڪجهه کڻي ويندو رهيو اهو سڀ ٺيڪ هو ڇا؟ فضل الرحمان هر اتحاد ۾ ڊيزل جي پرمٽ وٺندو رهي?? آهي، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي مڪ مڪا جي قومي حڪومت ٺهيل آهي، ٽي، ٽي ڀيرا وزارت اعليٰ جا مزا وٺڻ کانپوءِ پيٽ نه ڀرجي ته مسئلو ڪجهه ٻي?? آهي، فرخ حبيب چيو ته اهي چاهين ٿا ته ??ورن جي قومي حڪومت هجي ۽ ان ۾ عمران خان نه هجي، اليڪشن ڪميشن کي گيلاني جي پٽ جي وڊيو، زرداري جي سوداگر بڻجڻ تي نوٽيس وٺڻ گهرجي، عمران خان ايبسلوٽلي ناٽ چيو ته ان تي ??ه تنقيد ڪئي پئي وڃي، ڇا عمران خان به انهن وانگر لکت ۾ اجازت نامو ڏي ها، جيڪڏهن اسان کي ??يبسلوٽلي ناٽ جي سزا ڏيڻ آهي ته اسان ڀوڳڻ لاءِ تيار آهيون، دنيا ڏسي رهي آهي ته غلامي ۽ بوٽ پالش ڪندڙ ڪير آهن؟ مملڪتي وزير چيو ته زرداري، شهباز ۽ فضل الرحمان جيڪا مرضي ڪري وٺن، انهن جي هر سازش ناڪام ٿيندي، اسلامو فوبيا، ناموس رسالت ﷺ تي عمران خان دنيا جو ڌيان حاصل ڪري ورت?? آهي، مخالف ڌر انهي کان ڊنل آهي، ٻاهرين ملڪن کان فنڊنگ وٺندڙ ايبسلوٽلي ناٽ نٿا چئي سگهن ۽ نه ئي مودي جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهه ڪري سگهن ٿا، فرخ حبيب چيو ته جنهن جنهن فنڊنگ ورتي اهي پنهنجي شادين تي مودي کي گهرائيندا آهن، اسان انشاءُ الله سرخرو هونداسين. هن چيو ته سنڌ هائوس ۾ غير قانوني معاملن جو غور سان جائزو وٺي رهيا آهيون، قانون جي حاڪميت قائم ٿيندي، سمورن آپشن کي ??ستعمال ڪري سگهجي ٿو، فرخ حبيب چيو ته اسان وٽ نمبرز پورا آهن ته حڪومت هلي رهي آهي، گيلاني اسٽيٽ بئنڪ قانون تي غائب ڇو ٿيو، ان جو به اڃان تائين جواب ناهي ڏنو، جاويد لطيف پاڻ هارس ٽريڊنگ جو اعتراف ڪي?? آهي، ميڊيا به ان کان سوال پڇڻ جو اهڙو غير آئيني ڪم ڇو ڪري رهي آهي، انصارامه 2019ع ۾ ڪالعدم قرار ڏني وئي آهي، آئين جي آرٽيڪل 200 واضح ڪري ٿو ته ??ا به سياسي پارٽي ملٽري، پيرا ملٽري يا پرائيويٽ مليشيا نٿي رکي ??گهي، فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته اڄ تائين پارليامينٽ لاجز مان ڪو ايم اين اي اغوا ناهي ٿيو، اهي چاهين ٿا ته هڪ دفعو ٻيهر ڇانگامانگا لڳايون.