اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان بلوچستان عوامي پ??رٽ?? جي صدر ڄام ڪمال خان ۽ قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ خالد حسين مگسي جي قيادت ۾ پ??رٽ?? جي وفد ملاقات ڪئي ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب بلوچستان عوامي پ??رٽ?? جي وفد وزيراعظم پاران بلوچستان ج?? ترقي کي حڪومت ج?? ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ جي آجيان ڪئي. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ وفد ۾ وفاقي وزير سردار اسرار ترين، سينيٽر انوارالحق، سينيٽر سرفراز احمد بگٽي، سينيٽر ثمينه ممتاز?? قومي اسيمبلي ميمبر احسان الله ريڪي، روبينه عرفان ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر بلاول آفريدي پڻ شامل هئا.