اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرونا خلاف ڪارروائي جو 15 جنوري تي ئي فيصلو ڪيو هو?? ملڪ ۾ غربت سبب لاڪ ڊائون نه ٿا ڪري سگهون، سوچ ويچار کانپوءِ تعليمي ادارا ۽ سرحدون بند ڪ??ون آهن، ماڻهو ذهن ۾ رکن ته ڪرونا وائرس پکڙجندو، بلوچستان حڪومت ساراهه جوڳا قدم ک??يا آهن، هر نزلي ۽ زڪام واري کي ڪرونا نه ٿو ٿي سگهي. ڪرونا ??ي حوالي س??ن قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ ۾ ڪرونا ??ي حوالي س??ن افراتفري پکڙجي رهي آهي، مون 15 جنوري تي چيو هو ته اسان ڪرونا جي خلاف ايڪشن کڻنداسين ڇو ته اهو چين ۾ پکڙجي چڪو هو، هي وائرس هڪ قسم جو نزلو آهي ۽ هي تيزي س??ن پکڙجي ٿو، عوام مطمئن رهي ته 97 سيڪڙو مريض ٺيڪ ٿي وڃن ٿا ۽ ان مان 4، 5 سيڪڙو ماڻهن کي اسپتال وڃڻو پوي ٿو.