اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ??ه حڪومت ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ جو واعدو ڪيو آهي ۽ اميد آهي ??ه 22 جون تائين پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي، حادثن جي صورت ۾ بهتر ردعمل جو نظام يقيني بڻائڻ گهرجي، ا?? سان مستقبل ۾ اهڙي قس?? جي حادثن کي روڪي سگهجي ٿو، متاثرين جي گهري ڏک جون المناڪ ڪهاڻيون هيون جيڪي مون ٻڌيون آهن. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ هن چيو ته مون پي آءِ اي جهاز حادثي جي هر متاثر خاندان کي تعزيت جي لاءِ ٽيلي??ون ڪئي، متاثرين دل ڏکوئيندڙ حقيقتون ٻڌايون. هن چيو ته حادثي ۾ نوان شادي شده جوڙا فوت ٿيا. انهن خاندانن ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار آ??ن جيڪي پيدائش کان اڳ ئي يتيم ٿي چڪا آهن.