اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ مسل??ل گهٽتائي اچي رهي آهي، عيدالاضحيٰ جي موقعي تي عوام کي ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ ض??بط?? ڪار تي سختي سان عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي ايس او پيز تي عملدرآمد جاري رکيو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عيدالاضحيٰ سادگي سان ملهائي وڃي، ائين نه ٿئي جو جهڙي طرح گذريل عيد ۾ ايس او پيز کي نظر انداز ڪيو ويو ۽ اسان جا اسپتال ڪورونا مريضن سان ڀرجي ويا، هن حڪومت طرفان طئي ڪيل ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻ جي ه??اي?? ڪندي چيو ته پاڪستان خوش قسمتي سان انهن ملڪن ۾ ش??مل آهي جتي ڪورونا جي مريضن جي موت جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي، انتهائي نگهداشت ۽ وينٽي ليٽرز تي به مريضن جي تعداد ۾ گهٽتائي آئي آهي ج??هن ته بدقسمتي سان اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ اها شرح تمام گهڻي آهي.