اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڪشمير مسئلو ننڍي کنڊ جي ورڇ جي اڻ مڪمل ايجنڊا آهي، ڪشميري عوام پنهنجي آزادي جي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن، عال??ي برادري ڀارت پاران ڪشميرين تي ڪي?? ظلمن جو نوٽيس وٺي. ڪشميري عوام پاران ملهائجندڙ پاڪستان سان الحاق جي ڏهاڙي جي موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊ??ٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته والاريل ۽ آزاد ڪشمير سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڄ پاڪستان سان الحاق جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن. ڪشمير مسئلي جو حل خطي جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهي. عال??ي برادري والاريل ڪشمير ۾ ڀارت پاران ڪي?? ظلمن جو نوٽيس وٺي.