اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي واري خاص مد??گا?? ملڪ امين ا??لم چيو آهي ته سندس وزارت صوبن کي درخواست ڪئي آهي ته ٽين بلين ٽري سونامي تحت ٻوٽن جون نرسريون ٺاهڻ ۾ عورتن جو حصو 10 سيڪڙو کان وڌايو وڃي. اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ بلين ٽري منصوبي تحت عورتن کي باعزت روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جو تجربو ڪ??مي??ب رهيو آهي، هن چيو ته ان طرح ٻهراڙي جي علائقن جون عورتون پنهنجي گهرن جي ويجهو ٻوٽن جو نرسريو?? قائم ڪرڻ جي قابل ٿيون آهن.