اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته نواز شريف جي بيانيي تي (ن) لي?? جي اندر مختلف آواز اٿي رهيا آهن، نواز شريف جو مقصد ملڪ ۾ بي يقيني واري ڪيفيت پيدا ڪرڻ آهي، مسلم ليگ (ن) سدائين ذاتي مفاد ۽ منافقت واري سياست ڪئ?? آهي، نواز شريف جو انقلابي پڻو دوغلو ۽ کوکلو آهي، بطور ڏوهاري ۽ اشتهاري نواز شريف کي سياست تي ڀاشن ڏيڻ سونهين نه ٿو، نيب ڪيسن جي ڪري گهيرو تنگ ٿيڻ سان مخالف ڌر حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ چاهي ٿي، اسيمبلين تان استعيفائن جون ڌمڪيون به ان سلسلي جي ڪڙيءَ آهي، مخالف ڌر ميمبر استعيفائون ڏيندا ته نيون چونڊون ڪرا??ين??اسين، پي ٽي آءِ ٻيهر اڪثريت حاصل ڪندي، مخالف ڌر مختلف حربا استعمال ڪري حڪومت کي ڪيرائڻ چاهي ٿي، ناڪامي انهن جو مقدر بڻجندي. صحافين سان ڳالها??ين??ي وفاقي وزير چيو ته نواز شريف جي تازي بيانيي سان پاڻ انهن جي پارٽي اضطراب جو شڪار آهي، نواز شريف جي بيانيي تي (ن) لي?? جي اندران مختلف آواز اٿي رهيا آهن، (ن) لي?? جيڪا تحريڪ هلائڻ چاهي ٿي اها بي بنياد آهي، نواز شريف جو مقصد ملڪ ۾ بي يقيني واري ڪيفيت پيدا ڪرڻ آهي. نيب ڪيسن جي ڪري گهيرو تنگ ٿيڻ سان مخالف ڌر حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ چاهي ٿي، اسيمبلين تان استعيفائن جون ڌمڪيون به ان سلسلي جي ڪڙيءَ آهي. هن چيو ته ايف اي ٽي ايف قانونسازي ۾ ناڪامي کانپوءِ هاڻي هي رستن تي اچڻ چاهين ٿا، مخالف ڌر ميمبر استعيفائون ڏيندا ته نيون چونڊون ڪرا??ين??اسين، پي ٽي آءِ ٻيهر اڪثريت حاصل ڪندي، مخالف ڌر مختلف حربا استعمال ڪري حڪومت ڪيرائڻ چاهي ٿي، ناڪامي انهن جو مقدر بڻجندي.