گڏيل قومون- 17 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته شام ۾ ڇِڪتاڻ ۾ تازي واڌ کانپوءِ 8 لک 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب انساني معاملن جي رابطن بابت گڏيل قومن جي آفيس گذريل ڏينهن ٻُڌايو ته شام ۾ ڇِڪتاڻ ۾ تازي واڌ کانپوءِ 8 لک 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بيگهر ٿي چڪا آهن. آفيس ٻُڌايو ته واپسيءَ جي چُرپُر به مترحڪ آهي، ڀائيوارن آچر تي 2 لک 20 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي واپسي کي رڪارڊ ڪيو. ان کان علاوه 40 هزار کان وڌيڪ بي گهر ماڻهو اُتر اوڀر شام ۾ تقريبن 250 ڄڻا اجتماعي مرڪزن ۾ ترسيل آهن. گڏيل قومن جي ڀائيوارن جو اندازو آهي ته تقريبن 6 سيڪڙو بي گهر ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ هڪ قسم جي معذوريءَ سان زندگي گذاري رهيا آهن.