ڪابينا جي اقتصادي رابطن بابت ڪميٽي جو اجلاس

image
APP03-29 ISLAMABAD: January 29 - Adviser to Prime Minister on Finance Dr Abdul Hafeez Shaikh chairing a Economic Coordination Committee (ECC) meeting at Cabinet Block. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطن بابت ڪميٽي ناڻي واري وزارت جي تجويز تي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي هائوس بلڊنگ فنانس ڪمپني لميٽيد (ايڇ بي ايف سي ايل) ۾ پنهنجا شيئرز وڪرو ڪرڻ جي اجازت ۽ پاڪستان اسٽيل ملز ڏانهن سوئي سدرن گئس ڪمپني جي رهتن، گئس بلن جي ادائيگي جي مد ۾ 35 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطن واري ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.

مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena